اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ????ءِ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻائي خودڪار ??ظام متعارف ڪرايو وڃي، صوبائي حڪومتون 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته جيئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ ل??ءِ وزيراعظم وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح تي مختلف ڪاروباري سرگرمين ل??ءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسنسز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي ط??يقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي خودڪار ??ظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ