اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران ??فا??ي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته اليڪش?? ڪميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري وٺندا، اليڪش?? ڪميشن جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 13 کان 14 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهجي ٿو، آئين موجب اليڪش?? ڪميشن نتيجن جي اعلان کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ لازمي آه??، 15 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ آئيني گهرج آهي،. هو نيشنل آرڪائيو جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ??فا??ي وزير چيو ته آئين ۽ چونڊ ايڪٽ 2017ع تحت اليڪش?? ڪميشن جون 7 ذميداريون آهن جنهن ۾ سڀ کان پهرين ذميداري اليڪشن نتيجا جوڙڻ آهي جنهن کانپوءِ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ، نوٽيفڪيشن کانپوءِ 10 ڏينهن جي اندر اميدوارن جي چونڊ خرچن جا گوشوارا جمع ڪرڻ، آزادي اميدوارن کي ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ وقت فراهم ڪرڻ، پارٽي جون لسٽون جاري ڪرڻ، عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽون جاري ڪرڻ آهي.
اليڪشن ڪميشن جي عملدارن خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجا سمورا معاملا 11 کان 12 آگسٽ تائين مڪمل ڪري وٺندا: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن