اس??ام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ??ه جي آءِ ٽي کي سڀ کان اڳ حمد بن جاسم کان بيان رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي ها، جيڪڏهن نيت بيان وٺڻ جي آه?? ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃي وٺي سگهجي ٿو پر جيڪڏهن ان جي پٺيان بدديانتي آه?? ته پوءِ اهي ڊيڄاريندا به ڌمڪائيندا به بهانا به ٺاهيندا پر قطر نه ويندا، ڇو ته حمد بن جاسم جي بيان کانپوءِ شريف فيملي جي خلاف ڪيس ختم ٿي وڃي ٿو ان لاءِ بهانا ٺاهيا پيا وڃن. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مشرف جهڙي آئين، قانون ۽ قوم جي ڏوهاري کان جيڪڏهن گهر وڃي بيان وٺي سگهجي ٿو ته حمد بن جاسم کان ڇو نه ٿو بيان وٺي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی