واشنگٽن-30 نومبر (اي پي پي) اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪنسجر 100 سالن جي عمر ۾ آمريڪي رياست ڪنيڪٽي ڪٽ ۾ پنهنجي گهر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. بي بي سي جي رپورٽ موجب هن آمريڪا جي صدر نڪسن ۽ صدر فورڊ جي انتظاميه دوران آمريڪا جي اعليٰ سفارتڪار ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پنهنجي ڪيريئر دوران هن آمريڪي پاليسي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هنري ڪسنجر 1923?? ۾ ج??مني جي رياست باويريا جي يهودي جي والدين جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان نازي پارٽي جي ظلمن کان بچڻ لاءِ جرمن?? کان فرار ٿي 1938ع ۾ آمريڪا پهتو. هن 1943ع ۾ آمريڪي شهريت حاصل ڪئي ۽ ٽن سالن تائين آمريڪي فوج ۾ ۽ بعد ۾ ڪائونٽر انٽيلي جنس ڪور ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چين سان سفارتي لاڳاپن، اسرائيل ۽ ان جي پاڙيسرين وچ ۾ 1973ع جي يوم ڪپور جنگ جي خاتمي، پئرس امن معاهدي ۽ ويٽنام جنگ جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن 50 ساله بيواهه، پنهنجي هڪ اڳوڻي ش??دي مان ٻه ٻار ۽ پنج پوٽا ??وٽيون سوڳوار ڇڏيون آهن. سندس موت تي اڳوڻي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش، نيويارڪ سٽي جي اڳوڻي ميئر مائيڪل بلومبرگ، اڳوڻي صدر رچرڊ نڪسن جي ڌيئرن، ٽريشيا نڪسن ڪاڪس ۽ جولي نڪس آئرن هاور تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير هنري ڪسنجر 100 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری