اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم قبائلي علائقن (فاٽا) جي عوام کي تحفظ جو احساس فراهم ڪرڻ لاءِ ضم ڪرڻ جي عمل کي تيزي س??ن مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) جي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي س??ن رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان عمل کي خوش اسلوبي س??ن مڪمل ڪرڻ لاءِ قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير جي س??براهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ان ڳالهه جو فيصلو نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت ۾ فاٽا سڌارن تي عملدرآمد جي حوالي س??ن جائزي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس ۾ منعقد اجلاس ۾ قانون واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر، وزيراعظم جي سيڪريٽري، سيفران، ن??ڻي ۽ منصوبابندي ڊويزن جي سيڪريٽرين، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا، اي سي ايس فاٽا ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران فاٽا انضمام بابت عمل تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک