اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڻي وسيلن واري وزارت ??ي هدايت ڪئي آهي ته سمورن جاري ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ انهن جي وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻايو وڃي، واپڊا بابت معاملن تي وزيراعظم آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته معاملن جي بهتر حل لاءِ پاڻي وسيلن جي نئين وزارت قائم ڪئي وئي آهي?? هن چيو ته ماضي ۾ پاڻي جي تحفظ جي معاملي کي نظرانداز ڪي?? ويو ۽ سڄو ڌيان بجلي جي پيداوار تي ڏنو ويو?? هن چيو ت?? موجوده حڪومت پاڻي جي وڏن منصوبن جو آغاز ڪي??، ڇو ته پاڻي اس??ن جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو?? هن چيو ته اس??ن کي پاڻي وسيلن جي وزارت کي تعميري بنائڻو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪوششن کي تيز ڪي?? وڃي، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ان موقعي تي وزيراعظم کي پاڻي ۽ بجلي جي جاري منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪي?? جيڪي ماهرن جي نگراني ۾ موجوده حڪومت شروع ڪيا آهن?? هن وزيراعظم کي پاڻي وسيلن جي انتطامن جي حوالي سان مستقبل جي منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪي??
وزيراعظم پاران پاڻي وسيلن واري وزارت کي ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏنڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر