ٽوڪيو-04 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي گذريل ھفتي فائر ڪيل ھڪ نئين بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل بعد جاپان، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏيل فضائي مشقون شروع ڪيون آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف گذريل ڏينھن اعلان ڪيو آهي ته مشقون ملڪ جي ڏکڻ واري ٻيٽ چيجو جي اوڀر ۾ ھوائي حدن ۾ ٿيون جنھن دوران مقرر ڪيل هدفن کي درست انداز ۾ حملا ڪرڻ جي صلاحيت جي تصديق ڪئي ??ئي. م??قن ۾ آمريڪا جو ايف-16 جنگي جھاز ۽ ھڪ بي-1 بمبار جھاز شامل ھو. اتر ڪوريا انهن بمبار جھازن جي صلاحيتن بابت محتاط آھي. ڏکڻ ڪوريا جي ??وج جو چوڻ آھي ته ٽئي ملڪ اتر ڪوريا جي درپيش خطرن کي رو??ڻ ۽ گڏيل طور جواب ڏيڻ جي سھڪار کي مضبوط بڻائيندا. 5 نومبر تي منعقد ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن جي ??وقعي تي پيانگ يانگ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪري سگھي ٿو ۽ ايٽمي تجربو پڻ ڪري سگھجي ??و.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون