اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنهن و??ير??عظم ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو ۽ عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احت??اب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي، پاڪستان ۾ احت??اب جي روايت اڳوڻي و??ير??عظم محمد نو??ز شريف پاڻ کي احت??اب جي لاءِ پيش ڪري وڌي آهي، اڳوڻو و??ير??عظم محمد نو??ز شريف پاڻ کي آئين ۽ قانون آڏو پيش ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح سمورن ادارن کي آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻو پوندو، هو ووٽر ۽ ووٽ جي تقدس کي بحال ڪرڻ چاهي ٿو، سي پيڪ ڏيندڙ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪندڙ کي ملڪ م??ن ڀڄڻ جي ضرورت نه آهي، عمران خان ادارن جي توهين ڪري ٿو، ڀڄڻ جي کيس ضرورت آهي، اڄڪلهه هي جيڪي چيخون نڪري رهيون آهن انهن جو به بندوبست ٿيڻ وارو آهي، عمران خان پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي جي وچ ۾ فرق کي نه ٿو سمجهي سگهي، جنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو هجي ان کي سيڪيورٽي جي ضرورت هوندي آهي، طالبان جو حصو رهڻ ۽ انهن جي حمايت ڪندڙ کي سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي هوندي، پاڪستان جي عوام محمد نو??ز شريف ۽ آئين سان گڏ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي و??ير??عظم محمد نو??ز شريف چيو هو ته پاڪستان ۾ احت??اب جي روايت هو پاڻ شروع ڪندو ۽ ه?? پنهنجو پاڻ کي عدالتن ۾ پيش ڪري ان روايت جي شروعات ڪئي.
جنهن وزيراعظم عوام کي خوشحالي ڏني ان کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ