اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هن هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي، اسان تي سرڪاري ناڻي جي گهپلن يا ڪرپشن جا الزام نه آهن پر شريف خاندان جي نجي ۽ ذاتي ڪاروبار ۽ معاملن کي الجهايو ۽ اڇاليو پيو وڃي، ملڪ ۾ شريف خاندان کانسواءِ ڪو اهڙو خاندان نه آهي جنهن جي ٽن نسلن جو بي رحماڻو احتساب ٿيو هجي، نه ته اڳ ۾ اسان جي ??امن تي ڪو ڪرپشن جو داغ هو نه ئي هاڻي ائين ٿيندو، مخالف جيترا چاهين الزام هڻن، سازشون ڪن، اهي ناڪام ٿيندا، ايندڙ سال 20 ڪروڙ عوام جي وڏي عدالت ۽ وڏي جي ??ءِ ٽي لڳڻ واري آهي جيڪا 2013ع ??ان به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان اسان جي ??ق ۾ فيصلو ڪندي. پاناما دستاويزن جي ??اچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي ??ءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کانپوءِ جڊيشل ڪميشن اڪيڊمي ٻاهران اٽڪل ٽن ڪلاڪن ??ان انتظار ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هو جي ??ءِ ٽي آڏو پنهنجو موقف پيش ڪرڻ آيو آهي، هن چيو ته منهنجي ??مورن اثاثن ۽ وسيلن جا دستاويز اڳ ۾ ئي لاڳاپيل ادارن سميت سپريم ڪورٽ وٽ موجود آهن، اڄ مون هڪ ڀيرو ٻيهر اهي سڀ دستاويز جي ??ءِ ٽي کي ڏنا آهن، هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته آئين ۽ قانون جي ??ربلندي جي ??والي سان اڄوڪو ڏينهن سنگ ميل جو درجو رکي ٿو، منهنجي ??ڪومت ۽ منهنجي ??موري خاندان پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج