اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جاپان پاڪستان جو اهم ترقياتي حصيدار آهي، ملڪ ۾ ڪيترائي اهم ترقياتي منصوبا جاپان جي مدد ۽ حمايت سان مڪمل ڪيا ويا آهن. اسان پنهنجي عوام جي ترقي ?? خوشحالي ۽ امن جي فروغ لاءِ گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. جاپاني سيڙپڪار پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي شاندار موقعن مان فائدو حاصل ڪن. هن اها ڳالهه جاپان ج?? پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير نوبو ڪيشي سان ڳالهائيندي چئي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز