اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت پ??رلياماني ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ايندڙ مهيني بل جي صورت ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون جنهن تحت اليڪشن ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالياتي خودمختياري ڏني ويندي، چونڊ تڪ وڌائڻ جي حوالي ??ان فيصلو آدمشماري کانپوءِ ڪيو ويندو. ڪابينا ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙن جي پونيئرن کي 5 لک ??پي?? ۽ سخت زخمين کي ڏيڍ لک ??پين جي ادائيگي جي پڻ منظوري ڏني آهي. افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن جو عمل ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ڪيو ويندو ۽ سرحد تي اميگريشن جا قانون لاڳو ڪيا ويندا. اها ڳالهه قانون واري وفا??ي وزير زاهد حامد ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌائي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته سڄي ملڪ ۾ 46 جديد اسپتالون هنگامي بنيادن تي تعمير ڪيون پيون وڃن.
وفاقي ڪابينا پاران پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون منظور
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس