گڏيل قومون _ 15 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ، رفع ۽ ٻين هنڌ?? تي اسرائيلي بمباري ۾ اضافو پريشان ڪندڙ ۽ متاثرن کي انساني بنياد?? تي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي . ان علائقي جي پهرين س??گي?? صورتحال وڌيڪ ??راب ٿي رهي آهي . اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتو نيو گوتريش جي نائب ترجمان فرحان حق گذريل ڏينهن ميڊيا بريفنگ دوران چئي . هن چيو ته هڪ طرف اسرائيل جنگ رفع ۽ ٻين هنڌ?? تي بمباري ۾ مصروف آهي ۽ ٻئي پاسي غزه کان اسرائيل خلاف راڪٽ حملا به شهرين کي امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن . اسان کي شهرين جو احترام ۽ تحفظ يقيني بڻائڻو پوندو . سيڪريٽري جنرل چيو ته غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪ?? به جڳهه محفوظ ناهي . هن ڌرين کان متاثرن تائين انساني بنياد?? تي امداد جي رسائي لاءِ فوري جنگ بندي ۽ سمورن مغوين کي آزاد ڪرڻ سان گڏ رفع ڪراسنگ کي فوري طورتي کولڻ جي اپيل ڪئي .
غزه جي رهائشين لاءِ هاڻي ڪا به جڳهه محفوظ ناهي ، اسرائيلي بمباري امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهي :گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون