اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف هر مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب ج?? نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود وز??را??ظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وز??را??ظم سعودي نائب گهرو وزير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب ج?? ولي عهد ۽ وز??را??ظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط ??ڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وز??را??ظم پاڪستان ۾ 2.8 ارب آمريڪي ڊالر جي سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رياض ۾ ٿيندڙ تازي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي سعودي عرب ج?? قيادت کي ساراهيو ۽ فلسطين ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي قدمن جي خلاف ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي جي لاءِ گڏيل طور تي مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي سعودي ولي عهد ۽ وز??را??ظم محمد بن سلمان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي وز??را??ظم چيو ته سعودي عرب ج?? نائب گهرو وزير ۽ سندس وفد جو دورو انهن حساس شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. وز??را??ظم سعودي ولي عهد ۽ وز??را??ظم شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال جي منظر آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت