اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ??وينيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ ۽ ٽريڊ پروگرام (ريميٽ) تي مجموعي اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي مختلف شراڪتدارن کي پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن هتي ريميٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪم??ٽيءَ جي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪئي. ڪم??ٽيءَ جي اج??اس جو مقصد ڪم??ٽيءَ جي گذريل اج??اس ۾ محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، وا??ار ۽ ڪلي معيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ هو. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، مختلف حڪومتي وزارتن جي اعليٰ اختيارين جن ۾ منصوبا بندي وزارت، ناڻو، واپار، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر ۽ ريميٽ جي عملدرآمدي شراڪتدارن، عالمي بئنڪ، جي سي ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ شامل هئا، انهن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ مختلف شعبن خاص ڪري محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، ملڪي معيشت جي گورننس، وا??ار ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبي ۾ شراڪتدارن طرفان ڪيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان اڳڀرائيءَ جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۽ پائيدار ۽ جامع ترقيءَ لاءِ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پروگرام تي مجموعي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته هو پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪن.
ناڻي واري وزير جي ريميٽ تي مجموعي اڳڀرائيءَ جي تعريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا