اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز سان ملاقات ڪئي آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ او جي ايم) جي اجلاس جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان دستياب موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي بنهي اڳواڻن گڏيل مفادن لاءِ سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وسيع لاڳاپن جون جا گڏيل رستا ڳولهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز ٻه طرفا واپاري لاڳاپن ??ي هٿي ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ ٻه طرفي سهڪار ??ي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مختلف قدمن جي توثيق تي نيوزيلينڊ جو ٿورو مڃيندي پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل وراثت ۽ گڏيل اخل??قي??ت ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آه?? ۽ اثرائتي گهڻ رخي، جمهوري ۽ انسا??ي عزت ۽ وقار ??ي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل مفاد رکن ٿا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری