اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وزيراعظم اولزاس بيڪو تينو ۽ بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولو چينڪو شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانا ٿي ويا، سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مو??صلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ٻنهي وزيراعظمن کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي کين رخصت ڪيو. وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته مستقبل ۾ به ائين ئي رابطن ۽ دورن جا خواهشمند آهيون جيڪي خطي جي لاءِ انتهائي لاڀائتا ثابت ٿيندا. قزاخستان جي وزيراعظم ۽ بيلاروس جي وزيراعظم وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس ش??ندار ۽ تمام اعليٰ انداز ۾ ٿيو ۽ سندن پاڪستان ۾ قيام انتهائي خوشگوار رهيو جڏهن ته هو ڪ??تريون ئي اميدون ۽ خوشگوار يادون کڻي وڃي رهيا آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي مو??صلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ روس جي ٽرانسپورٽ واري ڊپٽي وزير دمتري ز??ائوف جي وچ ۾ ملاقات ٿي ۽ ان اجلاس ۾ روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مو??صلات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ نئين منصوبن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان جي لاءِ چين، افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين روڊ نيٽ ورڪ جي اهميت رکندڙ هوندو جڏهن ته روسي ڊپٽي ٽرانسپورٽ منسٽر دمتري ز??ائوف پاڪستان جي ڪميونيڪشن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو ا??ها?? ڪيو. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس انتهائي مثبت رهيو ۽ اهي قدم خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ مو??صلات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ريلوي واري وفاقي سيڪريٽري جي شرڪت ۽ مو??صلات جي شعبي ۾ اهم معاملن تي بريفنگ ڏني.
قزاخستان ۽ بيلاروس جا وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانا
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا