اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ منگوليا کي واپا??، سيڙپڪاري، عوام سان عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ??گڏ گڏ??ل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منگوليا جي وزيراعظم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ گڏ??ل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آهي. هن منگوليا جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ گڏ??ل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ??لڪ?? کي واپا??، سيڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ??گڏ گڏ??ل طور تي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منگوليا جي سول سرونٽس کي پاڪستان جي تربيتي ادارن ۾ تربيت جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان منگوليا دوستي جو سال قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. منگوليا جي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ جي چيئر جي طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ گڏ??ل ڪوششن ۽ تعاون جي ذريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپا??، سياحت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعا??ن وڌائڻ جي لاءِ گڏ??ل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي منگوليا جي وزيراعظم اويون اردين لويسناهي وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.
پاڪستان ۽ منگوليا کي لاڀائتي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ