اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته آئين جي ڍانچي اندر رهندي قانون سازي پارليامينٽ جو اهم اختيار آهي، تجويز ڪيل آئيني ترميمن تي هاڪاري تجويزن جي آجيان ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڪيسن جي ڪري عام ماڻهو کي انصاف ۾ دير جو منهن ??سڻو پئجي رهيو آهي، اسان جو مقصد عام ماڻهن ??ي عدالتن مان ??وري انصاف جي فراهمي آهي، آئيني ترميمن سان رات جي اونداهي ۾ ڪو ڌاڙو هڻڻ يا چوري ڪرڻ مقصد ناهي، ڪير به نٿو چئي سگهي ته آئيني عدالت نه بڻجي، تجويز ڪيل آئيني عدالت ۾ وفاق جي سمورن ايڪن جي نمائندگي هوندي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميمن جي حوالي سان ??اليسي بيان ۾ قانون واري وزير چيو ته ترميمن جو مسودو ڪابينه ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندو آهي، سي سي ايل سي ۾ ان جو شق وار جائزو ورتو ويندو آهي، پوءِ حڪومت جو اختيار هوندو آهي ته اها قومي اسيمبلي يا سينيٽ مان ??تعارف ڪرائي. اڃا انهن ترميمن جو مسودو سي سي ايل سي ۾ بحث هيٺ ناهي آيو ۽ ڪابينه ۾ به پيش ناهي ڪيو ويو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ ان حوالي سان ??هريان ??شاورت ٿي، بعد ۾ متحده قومي موومينٽ، پاڪستان ??سلم ليگ (اعجاز الحق)، بلوچستان عوامي پارٽي، اي اين پي ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي سان به ڳالهيون ٿيون. قانون واري وزير چيو ته ماضي ۾ آئين سان ??يل هٿ چراند کي درست ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ 18هين ترميم منظور ڪئي. هن ??يو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان اڳيان ??ڌي، موجوده حالتن ۾ ڪو به آئيني عدالت جي ضرورت سان اختلاف نٿو ڪري سگهي، آئين جي ڍانچي اندر رهندي قانون سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، 25 ڪروڙ عوام پارليامينٽ کي ملڪ جو رخ درست ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي. هن ??يو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام رياست جي تحفظ لاءِ بي پناهه قربانيون ڏ??يون آهن. فوج به ملڪ لاءِ جيڪي قربانيون ڏ??يون آهن، اسان ان کي ضايع ڪرڻ نه ڏينداسين. هن ??يو ته جنهن بار ڪائونسل ۾ چوندا اهو تجويز ڪيل پئڪيج کڻي وڃڻ لاءِ تيار آهيان. هن ??يو ته آئيني عدالتن جي قيام کي چيف جسٽس جي رٽائرمينٽ سان جوڙيو ويو ۽ اهو چيو پيو وڃي ته عدالتن تي حملا ٿي رهيا آهن جڏهن ته اسان جي حڪومتي دؤر ۾ ته ڪو به ريفرنس داخل نه ڪيو ويو، ويجهي ماضي ۾ اهي حملا ان ??قت ٿيا جڏهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي نشانو بڻايو ويو، هي ماڻهو ان ريفرنسز جي حمايت ڪندا رهيا آهن، عدالت اهو ريفرنس رد ڪندي چيو آهي، ته ان ۾ ڪا به حقيقت ناهي. اعظم نذير تارڙ تجويز ڪيل آئيني عدالت جو خاڪو پيش ڪندي چيو ته ان ۾ 7 يا 8 ججن جي تجويز آهي جنهن ۾ وفاق جي هر ايڪي جي نمائندگي هجي، آرٽيڪل 184 تحت پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ وٽ آهي، جنهن ??ي ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي طرح آرٽيڪل 199 ۾ هاءِ ڪورٽ جي ڪيسن تي اپيلن جي ٻڌڻي به آئيني عدالت ۾ ٿيڻ گهرجي. هن ??يو ته سپريم ڪورٽ ۾ آئيني، فوجداري، ديواني، بئنڪنگ ۽ سروسز ٽربيونلز جا سمورا ڪيس ويندا آهن جنهن ??ري عام ماڻهو کي انصاف ۾ دير جو منهن ??سڻو پوي ٿو. هن ??يو ته اسان ??نهنجي ڪمزورين سبب سياسي معاملا حل ڪرڻ لاءِ به سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندا آهيون، پنهنجي نادانين سبب اسان ??نهنجو اختيار ديوار جي هن پاسي ڏئي ڇڏيو آهي. اهو اختيار قانون سازي ذريعي ئي واپس اچي سگهي ٿو. هن ??يو ته عدالتي ڪميشن کي 18هين ترميم جي روح مطابق جوڙڻ گهرجي، اسان تجويز ڏني آهي ته عدالتي ڪميشن جي سربراهي چيف جسٽس وٽ هجي، 6 جج ۽ 6 پارليامينٽ ميمبر ۽ بار ڪائونسل جي ان ۾ نمائندگي هجي، ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ جي ججن جي ڪارڪردگي جاچڻ جو به اختيار حاصل هجي ۽ ڪنهن جج جي مس ڪنڊڪٽ تي به سفارش ڪرڻ جو اختيار هئڻ گهرجي. اسان ??ٿا چاهيون ته پارلياماني ڪميٽي جي روزاني توهين ٿئي، سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي جاچڻ جو ڪو به پئمانو ناهي، ان سموري معاملي ۾ توازن آڻڻو پوندو. هن ??يو ته بلوچستان ۾ تڪ تمام وڏا وڏا آهن، صوبي جي چونڊيل نمائندن جو مطالبو هو ته صوبائي اسيمبلي جي سيٽن ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن ??يو ته مولانا فضل الرحمان ۽ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي کي تجويز ڪيل ترميمن جي حوالي سان جنهن حد تائين ٻڌائي ٿي سگهياسين، اسان ??ڌايو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن هميشه اهو ئي چيو آهي، ته پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو پوندو.
آئين جي ڍانچي اندر رهندي قانون سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی