اسلام آباد-13 س??پٽ??بر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سر??ار اياز صادق چيو آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي تعليم ڀائيچاري،امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد النبي جي ??ناسبت سان پارليامينٽ هائوس ۾ خطاطي نمائش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح جي ??وقعي تي ڪيو . سر??ار اياز صادق چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انسانيت جا محسن آهن ۽ حضور پاڪ جي سيرت طيبه ۽ حسن اخلاق اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي . هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آهي . سندن تعليمات اسان کي ڀائيچا??ي، امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي حضور پاڪ صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي .اسپيڪر چيو ته نمائش ربيع الاول جي ??بارڪ مهيني جي ??ناسبت سان منعقد ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ??يمبرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي . نمائش ۾ خطاطي جا 112 فن پارا رکيا ??يا آهن جيڪي نالي وارن خطاطن جي تخليقي صلاحيتن جي ??شاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پارليامينٽ جي ??يمبرن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو ادا ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ناياب ڪتاب رکيا ??يا آهن جيڪي نبي ڪريم جي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪندا.
رسول ڪريم صه جي درس کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي : اسپيڪر سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil