لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊ??ڪٽ?? راغب حسين نعيمي چيو آهي، ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي، ڀارت جو ڪشمير تي غاصباڻو قبضو گهڻي دير تائين نه رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن يوم استحصال تي جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻو پوندو، پاڪس??ان حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀائرن جي خوداراديت واري حق جي ??دو??هد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، مودي جي ظلمن ۽ ڏاڍ کي سمورن عالمي فورمن تي بي نقاب ڪندا رهنداسين. والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ڪشميرين جي آزادي واري ??دو??هد کي ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلو گذريل 76 سالن کان حل طلب آهي ۽ ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪريون ڪري رهيو آهي. ڊ??ڪٽ?? راغب حسين نعيمي چيو ته پاڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ۽ ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.
ڀارت کي 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻو پوندو: ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔