اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران پنهنجي عوام جي لاءِ بهتر مستق??ل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران کيس ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي خوشي ٿي. هن چيو ته اسان خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ مض??وط حصي??ار?? کي فرو?? ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڀائر ۽ پاڙيسري هجڻ جي ناطي ٻئي ملڪ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ گڏجي هڪ بهتر مستق??ل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔