بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ چين دو??تي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي، پاڪستان تائيوان ۽ ڏکڻ بحيره چين سميت سمورن بنيادي معاملن ??ي چين جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن ??و اظهار هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور کانپوءِ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، چين پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سلامتي تي پنهنجي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو، ڪشمير مسئلي تي چين جي مسلسل حمايت جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين پاران گرمجوشي تي ٻڌل استقبال کي ساراهيندي چيو ته منهنجي ۽ پاڪستاني وفد جي بهترين مهمان نوازي تي چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته منهنجي چين جي نائب وزيراعظم سان م??تل?? موضوعن تي تعميري ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سي پيڪ، علائقائي، جاگرافيائي صورتحال سميت م??تل?? معاملن ??ي ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڪيترن ئ?? اهم معاملن ??ي اتفاق راءِ ٿيو، ايم ايل ون، گوادر بندرگاهه، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد پناهگاهن کي ختم ڪري، شانگلا حملي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، چين جي قيادت سان شانگلا حملي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شاهراهه قراقرم ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ايندڙ سال پاڪ چين مثالي دو??تي جي 73 هين سالگرهه هوندي. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چين جي ون چائنا پاليسي تي پاڪستاني موقف کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته چين پاڪستان سان لاڳاپن کي خصوص?? اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ ح??يدار آهن، پاڪ چين دو??تي پهاڙ وانگر مضبوط آهي. هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ انتهائ?? اهميت رکندڙ آهن، نائب وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد اسحاق ڊار جو چين جو دورو اهميت رکندڙ آهي، نائب وزيراعظم کي چين جي دوري تي ڀليڪار چئون ٿا. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دو??تي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.
پاڪ چين دوستي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وير محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا