رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي اقتصادي فورم جي خ??وصي اجلاس جي سائيڊ لائينز تي سع??دي عرب جي سيڙپڪار?? وزير خالد الفالح، سع??دي عرب جي ناڻي وار?? وزير محمد الجد عان ۽ سع??دي عرب جي صنعتن وار?? وزير بندر بن ابراهيم الخيريف ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سع??دي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق سع??دي عرب جي سيڙپڪار?? وزير ملاقات ۾ وزيراعظم کي ”پرائم منسٽر آف ايڪشن“ قرار ڏيندي چيو ته اسان سڀئي توهان جي ڪارڪردگي ۽ ڪم ڪرڻ جي رفتار کان آگاهه آهيون. هن چيو ته اوهان پاڪستان جي ترقي جي مشن کي وٺي هلي رهيا آهيو جنهن ۾ اسان سڀئي توهان سان گڏ آهيون، اوهان جو مشن اسان جو مشن آهي. سع??دي عرب جي سيڙپڪاري وار?? وزير چيو ته سع??دي سيڙپڪارن جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. هن چيو ته سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستان اسان جي اولين ترجيح آهي. زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي جي شعبن ۾ ڀرپور سهڪار جاري رهندو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستانين سع??دي عرب جي مختلف شعبن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪ??و آهي. ٻئي پاس?? وزيراعظم ۽ سع??دي عرب جي ناڻي وار?? وزير ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ته سع??دي عرب پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا تلاش ڪندو. سع??دي ناڻي وار?? وزير سع??دي عرب طرفان پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي ترقي سع??دي عرب جي ترقي آهي. هن چيو ته سع??دي عرب ويزن 2030ع جي حوالي سان حڪومتي سطح تي سڌارا ڪ??ا ۽ مشڪل فيصلا ڪ??ا. وزيراعظم سان سع??دي عرب جي صنعت وار?? وزير به ملاقات ڪئي. سع??دي صنعت وار?? وزير زراعت، معدنيات، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان سان گڏيل شراڪتداري جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. سع??دي صنعت وار?? وزير چيو ته سع??دي خانگي ڪمپنين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان رابطا آهن ۽ انهن ڪمپنين جا نمائنده جلد پاڪستان جو دورو ڪندا. ٻنهي ملڪن جي خ??نگي شعبن وچ ۾ شراڪتداري اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. سع??دي عرب ج?? وزيرن سان ڳالهائيند?? وزيراعظم پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي خ??دم الحرمين الشريفينسلمان بن عبدالعزيز آل سعود، سع??دي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود ۽ سع??دي وزيرن جو شڪريو ادا ڪ??و ۽ چيو ته منهنجي گذريل حڪومتي دور ۾ سع??دي عرب جي حمايت ۽ مدد سبب ئي اسان جون معاشي حالتون بهتر ٿيون. هن چيو ته سع??دي عرب ۽ پاسڪتان هڪ ٻئي جا اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن. انهن ملاقاتن ۾ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، سڌ سماءَ وارو وزير عطاالله تارڙ، پيٽروليم وارو وزير مصدق ملڪ، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري، ناڻي ۽ صنعت بابت وزيرن جون ڌار ڌار ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔