اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مختلف ادارن جي نئين سر جوڙجڪ، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان چونڊيل حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي ڏئي وڃي رهيا آهيون جيڪا يقيني طور تي عوام ۽ قومي مفاد جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي جڏهن ته ڪ??بي??ا چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪس??ان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه حڪومت پاران ”ٽرڪش آرمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪ??بي??ا جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم نگران حڪومت جي مختصر عرصي دوران پنهنجي ڪ??بي??ا ۽ سول سرونٽس جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيندي انهن جا ٿورا ??ڃي??. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ملڪي معيشت کي اڳ کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃي رهيا آهيون، نگران حڪومت جي مختصر وقت ۾ ڪ??بي??ا بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته اسان چونڊيل حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي ڏئي وڃي رهيا آهيون جيڪا يقيني طور تي عوام ۽ قومي مفاد جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي سمورن فيصلن ۽ پاليسي سازي ۾ ملڪي مفاد کي سدائين اولين ترجيح ڏني وئي. هن چيو ته اسان کي پاڪس??ان جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وفاقي ڪ??بي??ا مختلف ادارن جي نئين سر تنظيم سازي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪ??بي??ا سيڪريٽري وفاقي بيوروڪريسي پاران نگران وزيراعظم مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي چيو ته ملڪ کي درپيش اهم چئلينجز ۾ توهان پاران ملڪي مفاد ۾ اهم مشڪل فيصلا ڪيا ويا جن جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وفاقي ڪ??بي??ا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي لبنيٰ فاروق ملڪ کي ڊيپوٽيشن تي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم يو) جي ڊائريڪٽر جنرل طور مدي ۾ 9 جون 2023ع کان 8 جون 2024ع تائين واڌ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪ??بي??ا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪس??ان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه حڪومت پاران ”ٽرڪش ارمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪ??بي??ا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، پاڪس??ان جي حڪومت ۽ خليفه انٽرنيشنل ايوارڊ فار ڊيٽ پام اينڊ ايگريڪلچر انوويشن، گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان مفاهمتي ياداشت تحت پهريون پاڪس??ان انٽرنيشنل ڊيٽ پام فيسٽيول سيپٽمبر 2024ع ۾ منعقد ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد پاڪس??ان ۾ کجور جي پيداوار جو فروغ آهي. وفاقي ڪ??بي??ا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 ۽ 14 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪ??بي??ا حڪومتي ملڪيتي اداراجات بابت ڪ??بي??ا ڪميٽي جي 16 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪ??بي??ا ڪميٽي جي 16 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.
نگران وزيراعظم پاران مختلف ادارن جي نئين سر جوڙجڪ، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے