اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اط??اع??ت، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان جي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام 8 فيبروري تي پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ جي لاءِ پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندي. نگ??ان وفاقي گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اط??اع??ت ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته گذريل سال 17 آگسٽ 2023ع تي نگ??ان ??اب??نا جو حلف کڻڻ کانپوءِ اڳئين ڏينهن پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪميشن واحد آئيني ادارو آهي جنهن کي آزاداڻيون، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻيون آهن ۽ نگ??ان حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪندي. هن چيو ته نگ??ان حڪومت جي 5 مهينن جي عرصي دو??ان چونڊن جي حوالي سان ڪيتريون ئي قياس آرائيون ٿينديُون رهيون پر انهن سمورين قياس آرائين جي باوجود 8 فيبروري تي چونڊون پنهنجي شيڊيول موجب ٿي رهيون آهن. اط??اع??ت ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته چونڊون پرامن ٿينديون ۽ ان جي لاءِ سمورا انتظام ڪيا پيا وڃن، چونڊن دو??ان مقامي ۽ عالمي صحافين ۽ غيرملڪي مبصرن جي سهولت لاءِ گذريل ڏينهن اط??اع??ت واري وزارت هڪ آن لائين ميڊيا هيلپ لائين پڻ شروع ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چو??ڊي?? نمائندا هلائيندا ۽ انشاءَ الله 8 فيبروري تي پاڪستان جي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام پنهنجي نمائندن کي چو??ڊي??دي. هڪ سوال جي جواب ۾ اط??اع??ت ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب هئي، 2008ع ۾ بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ چونڊن ۾ هڪ مهيني جي دير ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام دهشتگردي جي خلاف ڊگهي عرصي کان وڙهي رهي آهي ۽ انهن جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿيا، ڪجهه واقعا پاڪستاني عوام کي روڪي نه ٿا سگهن، انشاءَ الله عوام 8 فيبروري تي پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ جي لاءِ ٻاهر نڪرندي ۽ پنهنجي ووٽ جو حق ضرور استعمال ڪندي.
پاڪستان جي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام 8 فيبروري تي پنهنجي نمائندن کي چونڊڻ جي لاءِ پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania