اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن ۽ معذور ماڻهن سميت محروم طبقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ، مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻڻ ۽ ڏاهپ سان فيصلاسازي کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته نئين گريجوئيٽس کي عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ عورتن کي پنهنجي ڪاروبار ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايو??ن صدر ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي) جي ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر نئين گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته ??هي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي لاڳاپيل صنعتن سان گڏوگڏ معاشري ۾ پنهنجون ذميواريون به ادا ڪن. هن تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته ??هي اڳواڻ پيدا ڪن ڇ?? ته ملڪ کي قيادت جي شديد کوٽ درپيش آهي جيڪا عوام ۽ قوم سان ايماندار هجڻ سان گڏوگڏ مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي. صدر غزه ۾ جاري فوتگين جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو. هن ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي منسوخي کي برقرار رکڻ جي فيصلي کي رد ڪيو. صدر غزه ۾ ٿيندڙ ڏاڍ تي ترقي يافته ??نيا جي ضمير تي سوال اٿاريندي چيو ته ??نيا کي اخلاقيات تي ٻڌل اصولن جي سخت ضرورت آهي جيڪو مسلمانن جو ميراث آهي. هن چيو ته ??دقسمتي سان مفادپرستي عالمي معاملن ۾ انسان دوستي تي حاوي آهي. هن چيو ته ??ٽڪل 28 ملين پاڪستاني ٻار اسڪولن ک??ن ٻاهر آهن ۽ انهن کي پنهنجي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي لاءِ مدد جي ضرورت آهي. صدر چي?? ته ملڪ کي پروفيشنل گريجوئيٽس جي کوٽ درپيش آهي تنهن ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ترغيب ڏيڻ جو طريقو بنا جواز آهي. صدر چي?? ته نئين گريجوئيٽس کي عملي زندگي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ عورتن کي پنهنجي ڪاروبار ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ان ک??ن اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ آءِ سي ايم اي جي صدر شهزاد احمد ملڪ چيو ته ??دارو معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ڇو ته ??هو بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪندي پنهنجي معيار کي مسلسل بهتر بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته ??ءِ سي ايم اي خطي جي قديم ترين ادارن مان هڪ آهي جنهن جا 8 هزار اهل ميمبر ۽ 18 هزار فعال شاگرد آهن. هن چيو ته ??نسٽيٽيوٽ دنيا جي ناليوارن پيشيور ادارن سان پڻ واڳيل آهي ۽ هو صنعتن ۽ ڪاروبار جي اڀرندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. آءِ سي ايم اي جي صدر چيو ته ??در ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي بهترين عالمي طرز عمل اختيار ڪندي آءِ سي ايم اي پنهنجي نتيجن ۾ نمايان بهتري آندي آهي جنهن کي بعد ۾ صدر پڻ ساراهيو. ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ سفارتڪارن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدرن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن ک??نسواءِ شاگردن ۽ فارغ ٿيندڙ شاگردن جي والدين پڻ شرڪت ڪئي. ان ک??ن اڳ صدر نئين گريجوئيٽس کي سرٽيفڪيٽس ۽ ڪائونسل جي ميمبرن کي ميڊلز ڏنا.
ملڪ کي قيادت جي شديد کوٽ درپيش آهي، تعليمي ادارا اڳواڻ پيدا ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات