نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظه??ر ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جي مرڪزيت تي ا??فا?? ڪيو آهي ۽ ان جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ عوامي جمهوريه چين جي نائب صدر هان زينگ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي سان ڀرپور هئي جيڪا پاڪستان چين سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري جي سڃاڻپ رهي آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بنيادي مسئلن تي چين جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي نگران وزيراعظم پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري علائقي ۾ جي 20 جي ڪنهن به اجلاس جي انعقاد جي چين جي سخت مخالفت عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري جي لاءِ چين جي اصولي موقف جي عڪاسي ڪري ٿي. چيني نائب صدر هان زينگ چيو ته پاڪ چ??ن دوستي منفرد آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گهرن ڀائراڻن لاڳاپن جي ڪري وقت بوقت ايندڙ تبديلين جو مقابلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چ??و ته هڪ ويجهي پاڙيسري ۽ مضبوط ڀائر جي حيثيت سان پاڪستان چين جي پاڙيسري سفارتڪاري ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو ۽ چين پاڪستان جي بنيادي مفادن جي تحفظ ۽ پاڪستاني عوام جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبن تي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظه??ر ڪندي ٻنهي ڌرين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جي مرڪزيت تي ا??فا?? ڪيو ۽ ان جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پختي عزم جو اظه??ر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي 10 هين سالگ??هه جي موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن تي پڻ اطمينان جو اظه??ر ڪيو. هن گهڻ رخي فورمز تي پنهنجي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي پڻ ا??فا?? ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چيني نائب صدر هان زينگ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي رفتار کي جاري رکڻ تي ا??فا?? ڪيو. نگران وزيراعظم چيني نائب صدر کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.
پاڪستان ۽ چين پاران سي پيڪ منصوبن تي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار، پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي پيڪ جي مرڪزيت تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر