اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاق?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي 23 جون تائين هن مهيني جي پگهار ڏيڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي منصوبن جا فنڊز ??ان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ وجهڻ لاءِ قانون وار?? وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ۽ ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ناڻي وار?? وزير چيو ته بجيٽ بابت ايف بي آر جي واپاري ۽ فني ڪميٽين جي حوالي سان نظرثاني ڪئي وئي آهي جنهن جا تفصيل هن ايوان ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ناڻي وار?? وزير چيو ته سندس ڪيترين ئ?? وزارتن ۽ کاتن عيدالاضحيٰ کان اڳ سرڪاري ملازمن کي پگهار جي ادائيگي لاءِ رابطوڪيو آهي، ناڻي وار?? وزير چيو ته هن ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته سمورن سرڪاري ملازمن کي 23 جون جمعي تائين هن مهيني جي پگهار ادا ڪئي وڃي ته جيئن ملازم عيد جي حوالي سان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. هن چيو ته ناڻي وار?? وزارت ۽ ايف بي آر جون ٽيمون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي کانسواءِ ڪميٽين ۾ به موجود آهن جيڪي ميمبرن طرفان بجيٽ تي بحث جو هڪ هڪ نقطو نوٽ ڪري رهي آهي، ان ۾ عمل جوڳين تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ناڻي واري مملڪت?? وزير به موجود رهندي آهي، هن چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي منصوبن جا فنڊز ??ان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ هو قانون وار?? وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪندا ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان هڪ قانون موجود آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو به آهي، ان کان اڳ عبدالاڪبر چترالي، غوث بخش مهر ۽ انجنيئر صابر حسين قائم خاني اعتراض واري نقطي تي چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي فنڊز 30 جون تي ليپس ٿي رهيا آهن، انهن فنڊن کي ??ان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو وڃي، انهن ميمبرن بجيٽ تي بحث دوران ناڻي وار?? وزير جي ٽيم جي موجودگي جو به مطالبو ڪيو.
سرڪاري ملازمن کي 23 جون تائين پگهار ڏيڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي منصوبن جا فنڊ نان ليپس ايبل اڪائونٽ ۾ وجهڻ لاءِ قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪنداسين: وفاقي وزير اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ