اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن وزيراعظم ??ي اعتماد جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا ??رو??ز اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پارليامينٽ بابت سوال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آئين، جمهوريت ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي اڪثريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿي. اسپيڪر راجا ??رو??ز اشرف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي وزيراعظم محمد شهباز شريف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا ??رو??ز اشرف چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تي 180 ميمبرن ??عتماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي طرح اها قرارداد قومي اسيمبلي پاران منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زن??هه هجي ها ته اڄ ميمبرن ??و انگ 181 هجي ها. واضح رهي ته وزيراعظم ??ي عهدي تي برقرار رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن ??و اعتماد لازمي آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی