اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوني??رس??ي جي رٽائرڊ پروفيسر جي پينشن بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عالمي اسلامي يوني??رس??ي ۾ 14 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن جو حصو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صدر قرار ڏنو ته پينشن ڪو انعام نه آهي پر ڊگهي ۽ مسلسل خدمتن تي حاصل ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدرجي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻي ۾ يوني??رس??ي جي پروفيسر جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ازالي جو يقين ڏياريو. صدر چيو ته قانون کان هٽي ڪري پينشن جي حق کان محرومي يا دير جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. پينشن محنت سان ڪمايو ??ين??ڙ حق آهي جيڪو ملازم کي حاصل هوندو آهي. صدر فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2013ع جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو. فيصلي ۾ سرڪاري ادارن ۽ آفيسرن جي پينشنري/ رٽائرمينٽ فائدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ غيرضروري دير پيدا نه ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي وئي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته ڪا به خلاف ورزي ڏوهاري غفلت ۽ فرضن کان غفلت جي برابر هوندي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته پينشن معاملن ۾ دير عدالتي نوٽيس ۾ اچڻ تي لاڳاپيل کاتي جي سربراهه کي توهين عدالت جو ذميوار قرار ڏنو ??ين??و. صدر چيو ته يوني??رس??ي وٽ پٺتي هٽڻ جو ڪو قانوني يا اخلاقي جواز نه آهي، انٽرنيشنل اسلامڪ يوني??رس??ي اسلام آباد محتسب جي فيصلي جي تعميل ڪري. پروفيسر ڊاڪٽر علي اصغر چشتي عالمي اسلامي يوني??رس??ي ۾ 14 سال بطور فيڪلٽي ميمبر خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، پروفيسر چشتي قانون ۽ قاعدي موجب علامه اقبال اوپن يوني??رس??ي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 2020ع ۾ علامه اقبال يوني??رس??ي مان رٽائرمينٽ تي يوني??رس??ي کي پينشن شيئر جي منتقلي جي درخ??اس?? ڪئي. يوني??رس??ي پاران پروفيسر جي حق ۾ خط جاري ٿيڻ جي باوجود پينشن منتقل نه ڪئي وئي. انصاف جي لاءِ پروفيسر وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن پروفيسر جي حق ۾ فيصلو ڏنو. يوني??رس??ي حڪمن جي خلاف صدر کي درخ??اس?? داخل ڪري ڇڏي، جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن ادا ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي آهي.
وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار، صدر پاران جو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر کي پينشن جو حصو ادا ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا