اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل آچر ڏي??هن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايوان ص??ر جي پر??س ونگ موجب صدر اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 57 تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلين جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر چيف اليڪشن ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ايڪٽ جي سيڪشن (2) 57 تحت اليڪشن جو پر??گرام جاري ڪيو وڃي. صدر چيو ته هن آئين تحت آئين جي تحفظ ۽ دفاع جو حلف کنيو آهي جيئن ته ڪ??هن به عدالتي فورم پاران ڪو منع نامو نه آهي ت??هن ڪري سيڪشن (1) 57 تحت ص??ر جي اختيار جي استعمال ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي. هن چيو ته آئين ۽ قانون 90 ڏي??هن کان وڌيڪ جي دير جي اجازت نٿو ڏي، ان لاءِ آئين جي خلاف ورزي کان بچڻ جي لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. صدر چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا گورنرز صوبائي اسيمبلين جي تحليل کانپوءِ 90 ڏي??هن جي اندر چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري ادا نه ڪري رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجي آئيني ذميواري پوريون نه ڪري رهيو آهي، ان طرز عمل سا?? دير ۽ آئيني شقن جي خلاف ورزين جو سنگين خطرو پيدا ٿي رهيو آهي. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي آئيني عهديدارن جا نالا پنهنجي مختلف خطن ۾ چونڊن جي امڪاني تاريخن جو اشارو ڏئي چڪو آهي، ا??هن خطن ۾ 90 ڏي??هن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته اسيمبلين جي عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ڪميشن سا?? مشاورت جو سنجيده عمل شروع ڪيو پر اليڪشن ڪميشن ان موضوع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. ان لاءِ ص??ر جي طور سيڪشن (1) 57 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي لاءِ 9 اپريل 2023ع آچر جي تاريخ جو اعلان ڪري رهيو آهيان.
صدر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 9 اپريل تي صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں