اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد شريف جي موت جي ابتدائي خبر ملي. بيان م??جب هاءِ ڪمشنر ان جي م??جب پوليس عملدارن ۽ گهرو وزارت کانسواءِ ٻين کاتن ??ي سينيئر عملدارن سان رابطو ڪيو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪينيا جي نائب صدر ??ي آفيس سان به رابطو ڪيو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيائي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ويو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بيان م??جب هاءِ ڪمشنر مشن جي آفيسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد شريف جي ميت ??ي سڃاڻپ ڪئي. وقتي پرڏيهي سي??ريٽري ارشد شريف جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪندي پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاران انهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. مرحوم جي گهروارن کي پرڏيهي وزارت پاران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي آهي. بيان م??جب پوليس رپورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي جو انتظار آهي. هاءِ ڪميشن ميزبان عملدارن سان گڏجي ارشد شريف جي ميت جي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪندي.
پرڏيهي وزارت پاران ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر