اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي هيٺئين ايوا?? جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر ۽ ليبر پارٽي جي سينيئر اڳواڻ انجيلا رائيز چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي، برطانيا خوفناڪ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو متاثر ماڻه?? جي لاءِ امدادي ڪوشش?? جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، ڪشمير تڪرار کي گڏيل قوم?? جي قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب حل ڪيو وڃي، ليبر پارٽي جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته ان پراڻي تڪرار کي گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب حل ??رڻ جي ضرورت آهي، ٻوڏ کان متاثر سنڌ جي دادو ۽ سيوهڻ جي علائقن جو دورو ڪيو آهي، هن ماڻه?? جي ملڪيتن کي ٿيندڙ نقصانن جو اکين ڏٺو حال ڏٺو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ ملڪيت?? جي تباهي جي ڏس ۾ دنيا کي ان مسئلي جو هڪ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت آهي. انجيلا رائيز جنهن برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر واجد خان سان گڏ سان ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ماحولياتي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ڀرپور ڪوششون ??رڻ گهرجن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪرير هي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششن ۽ تعاو?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته برطانيا ايندڙ مهيني مصر ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 اجلاس ۾ ان مسئلي کي اٿاريندو ۽ عالمي برادري تي زور ڏيندو ته هو ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پائيدار حل ڳولي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ا?? جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين علائقن کي پائيدار ۽ منظم طريقي سان وڌيڪ مدد ملندي جنهن ماحولياتي تبديلي جي تباهي کي منهن ڏنو آهي. برطانوي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان ماڻه?? جي مستقبل جي حفاظت ڪرڻي پوندي ڇو ته اهو انسانيت کي تباهه ڪن طور متاثر ڪري رهيو آهي. انجيلا رائيز پاڪستا?? جي ٻوڏ کان متاثر علائق?? جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ماڻهن کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري سنگين بحران کي برداشت ڪرڻو پيو آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان جاني ۽ مالي ۽ بيٺل فصل کي نقصانن کانسواءِ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته برطانوي حڪومت اڳ ۾ئي پاڪستا?? جي ٻوڏ کان متاثر ماڻه?? جي لاءِ 16.5 ملين پائونڊ عطيو ڪري چڪي آهي، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين فوري طور تي امدادي ڪوشش?? جي حوالي سان ناقابل يقين ڪردار ادا ڪيو، فنڊ ريزرز ۽ ٻوڏ سٽيل?? جي لاءِ امداد جمع ڪئي وئي آهي، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ناقابل يقين حد تائين فراخدل آهن، ايستائين جو منهنجي پنهنجي تڪ ۾ به ٻوڏ متاثري?? جي امدادي سرگرمين ۾ مدد ??رڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو جاري آهي. برطانيا جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر ڪشميري?? جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو ته ڪشمير تڪرار کي گڏيل قوم?? جي قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب حل ??رڻ گهرجي. هن چيو ته برطانيا جي ليبر پارٽي جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته ان پراڻي تڪرار کي گڏيل قوم?? جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ??رڻ جي ضرورت آهي، ڀارت انساني حقن جو احترام ڪري، ڪشميري عوام ڊگهي عرصي کان مصيبتن جو شڪار آهي، ڪشمير مسئلو 70 سالن کان وڌيڪ عرصي کان حل طلب آهي ۽ اهو هڪ ڊگهو مدو آهي. هن چيو ته برطانيا ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جو خواهشمند آهي ۽ عالمي برادري کي به ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ??رڻ گهرجي. انجيلا رائيز چيو ته ڀارت کي گڏيل قوم?? جي قرارداد?? جي پاسداري ??رڻ گهرجي، ڀارت ۽ پاڪستان کي ان تڪرار کي حل ??رڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾و اپاري لاڳاپا وڌي رهيا آهن، واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ٻنهي ملڪ?? جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي پارليامينٽ جي مٿئين ايوا?? جي ميمبر لارڊ واجد خان چيو ته خوفناڪ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، برطانوي حڪومت، عوام ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثري?? جي جيڪا به مدد ڪري سگهن ٿا اهي ڪندا. هن چيو ته برطانيا جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر انجيلا رائيز سان گڏ ??وڏ کان متاثر سنڌ جي دادو ۽ سيوهڻ جي علائقن جو دورو ڪيو آهي، هن ماڻه?? جي ملڪيتن کي ٿيندڙ نقصانن جو اکين ڏٺو حال ڏٺو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته برطانيا جي ميڊيا ۽ عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان ۽ فصل?? جي تباهي بابت آگاهه ڪنداسين. لارڊ واجد خان چيو ته ماحولياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪردار تمام گهٽ آهي پر پاڪستان ان کان شديد متاثر ٿيو آهي، ماحولياتي مسئل?? جي حل لاءِ عالمي سطح تي ڪوشش?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ فنڊ گڏ ??رڻ ۾ به حصو وٺي رهيا آهيون ته جيئن متاثري?? جي مدد جاري رکي سگهجي.
ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي، برطانيا خوفناڪ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو: برطانوي ليبر پارٽي جي سينيئر اڳواڻ انجيلا رائيز
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا