اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻ??لن ۾ اضافي سان پائيدار ترقي جي فروغ، ملڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي ??نه??جي پيغام ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستان جو ماحولياتي نظام به موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻ??لن جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ ??ازي رپورٽ موجب پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪستان، فلپائن ۽ هيٽي جهڙن ملڪن کي اڪثر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان کي عالمي حدت ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ ??ندازي موجب گذريل 19 سالن ۾ پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سان واڳيل 173 واقعن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن سال به پاڪستان کي ٻوڏ صورتحال ۽ برساتن جي ڪري تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻين قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم سان پاڪستان جي قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻ??لن ۾ اضافي ۽ عالمي حدت جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته عالمي معيار موجب ڪنهن به ملڪ جي ٻ??لن جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته عالمي بئنڪ جي سال 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻ??لن جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. اسان کي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ ٻيلا لڳائڻ جي لاءِ ??نه??جي ڪوششون ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻي پوندي.
صدر پاران ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس