لاهور – 12 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل سائنسز لاهور جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير چوڌ??ي پرويز الاهي به ساڻس گڏ هو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اسپتال جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر وحيد، صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌ??ي پرويز الاهي کي اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ان پراجيڪٽ جي لاءِ 100 ڪينالن تي ٻڌل ڊينٽل اسپتال جي لاءِ 2005ع ۾ زمين خريد ڪئي وئي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر وحيد ٻڌايو ته اسپتال جي تعميراتي ڪمن جي شروعات 2010ع ۾ ٿي. هن ٻڌايو ته هن وقت ان پراجيڪٽ جي لاڳت جو ڪاٿو 347.358 ملين لڳاي?? ويو هو، جڏهن ته 30 جون 2022ع تائين ان منصوبي تي 673.390 ملين خرچ ڪيا ويا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ٻڌايو ته ٿري ڊي اسپتال جديد اوزارن ۽ سهولتن سان ليس هوندي ۽ ان کي تمام جلد مڪمل ڪي?? ويندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته اسپتال ۾ جاري تعميراتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان جديد ٿري ڊي اسپتال جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهي.
صدر پاران فاطمه جناح انسٽيٽيوٽ آف ڊينٽل سائنسز لاهور جو دورو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز