اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم ??سٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي مهم جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪارن تي زور ڏنو آهي ته اهي 1166 تي ڪال ڪري پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي سي پي آر ۾ پ??شيواراڻي تربيت يافته آهن اهي رضاڪارن جي تربيت لاءِ رجسٽريشن ڪرائين، مهم جو حصو بڻجن، تربيت حاصل ڪن، 10 وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي سي پي آر جي ٽريننگ ڏين ۽ انعام حاصل ڪن. هن ٻڌايو ته ٽريننگ جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به عمر جا ماڻهو اهل هوندا. هن نوجوانن، عورتن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وقت سر سي پي آر سان ڪنهن انس??ن جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.
وزيراعظم جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شروعات
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز