اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال خيرات جي طلبگار ڪيرات قيراط جو مطالبو ڪندا رهيا، 5 قيراط جي مُنڊي ۽ توشه خانه جون گهڙيون وڪرو ڪندڙ?? کي ڪهڙي خبر ته ملڪي مفاد ڇا هوندو آهي، عمران خان، بشريٰ بي بي، فرح گوگي ڳٺ جوڙ ملڪ ۽ ان جي عوام کي ٻنهي هٿ سان ڦريو، ملڪي معيشت تباهه ڪئي، اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، انتشار پکيڙيو، ملڪ تي خو??ڪش حملا ڪرڻ ۽ ا?? کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جي ڪ??هن سياسي نظام ۾ ڪا جڳهه نه آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير بي جي پي اڳواڻن پاران حضور اڪرم ﷺ ??ي شان ۾ گستاخي ??ي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته بي جي پي جي اڳواڻن شرپسندي، فتنه پسندي ۽ گهٽ ذهنيت جي عڪاسي ڪئي، حضور اڪرم ﷺ جي عزت ۽ حرمت جي لاءِ اسان مرڻ، ڪٽجڻ لاءِ تيار آهيون. حضور اڪرم ﷺ سمورن جهانن ۽ انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهن، ا??هن ??ي شان ۾ گستاخي تي اڄ هر مسلمان تڪليف ۽ ڪرب مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي ناظم الامور سان به ان معاملي تي احتجاج ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سالن دوران عمران خان پنهنجي ذاتي مفادن ۽ دولت کي وڌائڻ جي لاءِ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀريا ۽ عوام جا کيسا خالي ڪيا. هن چيو ته هڪ آڊيو ليڪ پن منظر تي آئي آهي ج??هن ۾ فرح گوگي ڊيل ڪري رهي آهي ته بشريٰ بي بي کي 3 قيراط جي مُنڊي پسند نه آهي، اهو ڪم هڪ ڊيل تحت ڪيو پيو وڃي ج??هن جي عيوض بشريٰ بي بي کي 5 قيراط جي مُنڊي ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته اهي توشه خانه جون گهڙيون يا بشريٰ بي بي جي مُنڊي جو معاملو نه آهي، اهو قومي مفاد?? کي وڪرو ڪرڻ جو معاملو آهي. عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي ڳٺ جوڙ پنجاب ۽ وفاق جي سطح تي پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، عوام اٽي، بجلي، گئس جي لاءِ ترسندي رهي، ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ معيشت تباهه ٿيندي رهي پر اهي ماڻهو پنهنجي آمدني ۾ اضافي ۾ لڳل رهيا، اهو پاڪستان جي عوام جو معاملو آهي. هن چيو ته بني گالا ۾ روحاني عمليات جي ڳالهه هر زبان تي هئي، اصل ۾ اتي ڪرپشن جي عمليات ٿي رهي هئي، گذريل چار سالن دوران ڪ??هن به مني ٽريل کي چيڪ ڪريو ته ان جُون ڪڙيون عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان ملن ٿيُون. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران ٿيندڙ ٽرانسفرز، مقررين، پراجيڪٽس ۽ حڪومتي معاملن جو کُرو بني گالا وڃي نڪري ٿو، عمران خان وزيراعظم آفيس کي پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو، چار سال هو ٻين تي الزام هڻندو رهيو، ٻين جا پٽڪا لاهيندو رهيو ۽ پاڻ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ڪيو، هن چار سال عوام کي تڪليف کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو. مريم اورنگزيب چيو ته پنهنجي چوري ۽ ڪرپشن تان نظر هٽائڻ جي لاءِ هن ٻاهرئين سازش جو ڊرامو ڪيو، جيڪڏهن عمران خان اليڪشن چاهي ٿو ته هو استعيفائن جي تصديق جي لاءِ اسپيڪر وٽ ڇو نه ويو؟ نئين اليڪشن ته گهري رهيا آهن پر قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ نه ڏئي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ سازش جو الزام ته پارليامينٽ تي لڳايو پيو وڃي پر ان تان مستعيفيٰ نه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ نه هڪ ڪروڙ نوڪريون آيون، نه ملڪي معيشت ٺيڪ ٿي، نه غربت ختم ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ هي ملڪ ترقي ڪري رهيو هو، عوام خو??حال هئي، لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي، سي پيڪ جهڙا گيم چينجر منصوبا اچي ويا هئا پر هن ان ترقي يافته ۽ خو??حال ملڪ کي غريب ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ امير ٿي ويو. هن چيو ته عمران خان مُنڊين ۽ گهڙين تي ملڪي مفادن جو سودو ڪيو، ملڪي مفاد جي قيمت 5 قيراط جي مُنڊي لڳائي. هن يچو ته گذريل چار سال ۾ اٽي ۽ کنڊ جون سمريون موڪلي قيمتون وڌايون ويون، مصنوعي ڊيمانڊ جوڙي کنڊ برآمد ڪئي ۽ جڏهن کوٽ پيدا ٿي ته کنڊ درآمد ڪري ان جي قيمت 120 رپيا في ڪلو ڪري ڇڏي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيڻ تي اخبار ۾ اشتهار جي معاملي کي پي ٽي آءِ هاءِ ڪورٽ کڻي وئي، ٻن ملڪن جي وچ ۾ 75 سالا لاڳاپ?? کي ملهايو پيو وڃي ج??هن تي انه?? کي تڪليف آهي. شهباز شريف جو ترڪيءَ ۾ جهڙي طرح استقبال ٿيو ان تي به انه?? کي تڪليف ٿي. ا??هن پنهنجي دور ۾ ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪار?? کي ناراض ڪيو، ا??هن جا منصوبا بند ڪيا، ترڪيءَ جي ڪمپنين جي نمائند?? کي نيب ذريعي جيلن ۾ وڌو. وزيراعظم شهباز شريف ا??هن جو پکيڙيل گند صاف ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جا ڪنڌ ان وقت شرم سان جُهڪي ويا جڏهن ترڪيءَ جي سيڙپڪار چار سالن جا داستان ٻڌايا ته ڪهڙي طرح دوست ملڪن جي سيڙپڪارن سان سلوڪ ڪيو ويو. ا??هن پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پاڪ ترڪ دوستي جي خلاف آهي. هن چيو ته ترڪيءَ ۽ پاڪستان جي 75 سالا سفارتي لاڳاپن تي اشتهار ڏنو ويو، ترڪيءَ ۾ به ا??هن لاڳاپ?? کي ملهايو پيو وڃي، پاڪستان حڪومت جو استحقاق آهي ته اها جيڪو اشتهار بهتر سمجهي اهو ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 3 ارب 29 ڪروڙ جا اشتهار ڏنا، ا??هن جي رهتن تائين ادا نه ڪيون، پي ٽي آءِ جي جهنڊن وارن اشتهارن جون رهتون اسان ادا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته چار سال هي ڪرپشن جا الزام هڻندا رهيا، ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، ٻين تي آڱريون کڻندا رهيا پر ا??هن جي پنهنجي ڪرپشن جا داستان سامهون اچي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا??هن ماڻهن جي صحت ۽ عوام جي مفاد تي به پئسو ٺاهيو. ا??هن پنهنجي حڪومت جا 100 ڏي??هن پورا ٿيڻ تي اشتهار ڏنو هو ته ”اسان مصروف هئاسين“. هي ڇا ۾ مصروف هئا؟ 5 قيراط جون مُنڊيون وٺڻ ۾ مصروف هئا؟ فارن فنڊنگ ۾ مصروف هئا؟ بجلي، گئس ۽ ڪارٽلز ۽ مافيا جا کيسا ڀرڻ ۾ مصروف هئا؟ ا??هن مهانگائي ۾ اضافو ڪيو، معيشت کي برباد ڪيو، عوام کان روزگار کسيو، اهي ان ڪم ۾ مصروف هئا، فرح گوگي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي لاءِ پئسا ميڙڻ ۾ مصروف هئي، هر مقرري، ٽرانسفر ۽ هر ڊيل سان ا??هن ڪرپشن ڪئي، اهي اٽو، بجلي، گئس چوري ڪرڻ ۾ مصروف هئا، اهي بيضن، پاڏن ۽ مرغين سان معيشت ٺيڪ ڪرڻ ۾ مصروف هئا، اهي منفي پروپئگنڊا ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ مصروف هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳ ۾ ا??هن جو ايف ايٽ مان انقلاب ڀڳو، ڪالهه هيليڪاپٽر ذريعي عمران خان ٻيهر بني گالا پهچي ويو آهي، کيس پنهنجي ڪرتوتن تي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪري رهي آهي، معيشت کي صحيح ڪري رهي آهي، نوجوان?? کي روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي جيڪي بارودي سرنگهون ۽ معاشي گند پکيڙي ويا هئا، اسان عوام کي ا??هن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ناجائز اختيار?? کي استعمال ڪندي عمران خان، فرح گوگي ۽ بشريٰ بي بي نئون پاڪستان ٺاهڻ جي جهڙي طرح ڪوشش ڪئي، عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿي. هن چيو ته خيرات جا طلبگار قيراط جو مطالبو ڪري رهيا آهن، هي ڪ??هن ٻي گيم ۾ هئا. هن چيو ته سمورن اشتهارن جا تفصيل رڪارڊ جو حصو آهن، جيڪو ا??هن جو رڪارڊ هو هي اهو ئي رڪارڊ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ان خوف ۾ ورتل آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ اتحادي پارٽيون جيڪي 90 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪن ٿيون، ملڪ کي ترقي ڏئي ڇڏينديون، مهانگائي گهٽ ڪري ڇڏينديون، عوام کي روزگار ڏينديون، معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏينديون، دوست ملڪن سان لاڳاپا ٺيڪ ٿي ويندا ته عوام ا??هن جي م??هن تي چماٽ هڻندي. هن چيو ته ڪجهه نام نهاد معاشي ماهرن جا زور زور سان رڙين جا آواز اچي رهيا آهن، انه?? کي ان جي پنهنجي حڪومت ۾ عمران خان ڪارڪردگي جي بنياد تي وزارت مان بيدخل ڪيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم هائوس ۾ پري بجيٽ بزنس ڪانفرنس منعقد ٿي رهي آهي ج??هن ۾ پوري بزنس ڪميونٽي کي گهرايو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪانفرنس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته بزنس ڪميونٽي سان عوام جو روزگار ۽ ملڪي ترقي واڳيل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سمورن طبق?? کي بجيٽ جي ذريعي فائدو پهچائي سگهجي ٿو جيڪي ملڪي ترقي ۾ حصو وجهندا. هن چيو ته ملڪ جي معيشت غيرمعمولي بحران مان گذري رهي آهي، ا?? کي صحيح ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جو ڪردار لازمي آهي. هن چيو ته ڪانفرنس مان جيڪي تجويزون اينديون انه?? کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ان سان سمورن شعب?? کي سگهه ملندي ۽ ملڪي ترقي ۾ حصو وجهڻ جو موقعو ملندو. هڪ سوال تي هن چيو ته استعيفائون ڏيندڙ هيليڪاپٽر ۾ ويهي انقلاب آڻڻ ۾ مصروف آهن، اڳ ۾ اهي مُنڊيون جمع ڪرڻ ۾ ۾صروف هئا، انه?? کي ٽي قيراط نه پنج قيراط جون مُنڊيون گهربيون هيون، ا??هن ملڪي معيشت ۽ ملڪي مفاد جو مذاق بڻائي رکيو آهي، ا??هن پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچايو، ا??هن جي دور ۾ سيڙپڪار عمران خان سان ملاقات جي لاءِ انتظار ڪندا رهيا پر ان وٽ ملاقات جي لاءِ وقت نه هو ڇو ته ان جو مقصد ملڪ جي آمدني وڌائڻ نه پنهنجي اثاثن ۾ اضافو ڪرڻ هو. هن چيو ته فرح گوگي کي ٽائيم ڏنو ويندو هو ته خبر پوي ته ڪيتريون گهڙيون، مُنڊيون ۽ گاڏيون آيون آهن. هن چيو ته هڪ طرف ملڪي معيشت تباهه ٿي، آمدني گهٽ ٿي ۽ ٻئي طرف اهو ٽرائيڪا امير ٿيو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نيشنل ڊائيلاگ ۽ چارٽر آف اڪانومي وقت جي ضرورت آهي، رياست جي سمورن ٿنڀن ۽ ادار?? کي سوچڻو پوندو ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته چارٽر آف اڪانومي جي لاءِ فول پروف حڪمت عملي هجڻ گهرجي، اهڙيون ريڊ لائينز هجڻ گهرجن جو ڪير پنهنجي ذاتي مفادن ۽ سياست جي لاءِ ملڪي معيشت سان کلواڙ نه ڪري سگهي. هن چيو ته حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن، اهو جمهوريت جو حصو آهي پر پهريون ڀيرو ڏٺو آهي ته هڪ حڪومت معيشت کي باهه لڳائي وئي، هاڻي به چاهي ٿي ته پورو ڳوٺ سڙي وڃي، عمران خان چاهي ٿو ته ج??هن ڪرسيءَ تي آئون نه آهيان ان تي ڪير ٻيو به نه هجي. اها ان جي ذاتي اناءَ ۽ ضد آهي، ان جي لاءِ اهڙيون ريڊ لائينز هجڻ گهرجن جو ڪير ملڪي معيشت سان نه کيڏي سگهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ نيب جي ترميمو?? کي غلط طريقي سان پيش ڪري رهي آهي، ا??هن ترميمن سان نيب جي اندر ڪ??هن سياسي ڪيس تي ڪو فرق نه پوندو. هن چيو ته فرح گوگي نيب کي گهربل آهي، جيڪڏهن هن چوري ناهي ڪئي ته هو نيب ۾ پيش ٿئي ۽ جواب ڏي. هن چيو ته ڪالهه جيڪا آڊيو ليڪ آئي آهي اها به ان ڪيس جو حصو بڻجندي. اها ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اسان 40 سالن جو حساب ڏئي سگهون ٿا ته ا??هن کان چار سالن جو حساب وٺڻ ته بڻجي ٿو. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر عطاءُ الله خان جي خو??ڪش حملي جي ڌمڪي بابت صحافي جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي اهي ماڻهو آهن جن خوني مارچ جو اعلان ڪيو، هٿياربند جٿن جي ذريعي خيبرپختونخواهه جي پوليس کي استعمال ڪري وفاق تي حملي جو منصوبو ٺاهيو، ا??هن 25 مئي تي لانگ مارچ کان هڪ ڏي??هن اڳ ڏنڊا ورهايا ۽ هاڻي چئي رهيا آهن ته عمران خا?? کي ڪجهه ٿيو ته اسان خو??ڪش حملا ڪري ڇڏينداسين، ڇا اهڙو بيان اظهار راءِ جي آزادي يا جمهوريت جي ضمري ۾ اچي ٿو؟ جڏهن اهڙن بيانن تي ڪارروائي ٿئي ٿي ته پوءِ چون ٿا ته اسان کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪو شخص ملڪ تي خو??ڪش حملو ڪرڻ، ملڪ کي ورهائڻ، ا.ئٽمي پروگرام کسڻ جي ڳالهه ڪري ۽ خوني مارچ جو اعلان ڪري، ان جي ملڪ جي سياسي نظام ۾ ڪا جڳهه نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پرائيويسي جي حوالي سان قانون موجود آهن، ايف آءِ اي جو ادارو به موجود آهي، رائٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ به موجود آهي جڏهن ته ايف آءِ اي ۾ مڪينزم به موجود آهي، ان کان تفصيل وٺي سگهجن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪ??هن معاملي ۾ ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني وئي ۽ قومي مفاد کي نقصان پهچايو ويو، ان جي لاءِ به قانون موجود آهن، نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ درخواست ڏني پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت جي ڪابينا ۾ هڪ خط سيل ڪري شهزاد اڪبر وزيراعظم کي پيش ڪيو جنه?? کي ڪابينا جي ميمبر?? کي ڊي سيل ڪرڻ کانسواءِ منظور ڪرڻ جو چيو ويو، ان وقت ڪجهه وزيرن چيو ته هي ڪهڙي شيءَ آهي جنه?? کي اسان منظور ڪري رهيا آهيون ته انه?? کي چيو ويو ته ان تي خاموش رهو. هن چيو ته ڪابينا جي اندر ان خط جا تفصيل اچڻ ضروري آهن، جيڪڏهن ان تي ڪا قانوني ڪارروائي ٿيڻي آهي ته ايڪشن ورتو ويندو. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت ڪابينا ۾ موجود سمورا وزير پنهنجو پنهنجو ڪم بهتر طريقي سان ڪري رهيا آهن، سمورا وزير پنهنجي وزارتن بابت موقف پن عوام آڏو پيش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ سمورين اتحادي پارٽين جو ملڪي ترقي ۾ برابر حصو آهي، اسان گذريل حڪومت جو گند صاف ڪري رهيا آهيون. لوڊشيدنگ جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم لوڊشيدنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، آچر ڏي??هن به سموريون لاڳاپيل وزارتون ان تي ڪم ڪنديون رهيون آهن. هن چيو ته 2018ع ۾ (ن) ليگ جي حڪومت جڏهن ختم ٿي ته ڊيمانڊ موجب بجلي موجود هئي، ٽرانسميشن به ٿي رهي هئي، زيرو لوڊشيڊنگ هئي پر گذريل چار سال دوران بجلي جو هڪ منصوبو به نه لڳايو ويو پر جيڪي منصوبا اڳ کان هلي رهيا هئا اهي به مناسب مرمت نه ٿيڻ جي ڪري بند پيل هئا، ا??هن جي مرمت تائين نه ڪئي وئي. هن چيو ته ڊيمانڊ ۽ سپلائي ۾ فرق کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي ڇڏي آهي ج??هن ڇنڇر ۽ آچر ڏي??هن به پنهنجو ڪم ڪيو، ان بابت اهم اعلان به ڪيو ويندو.
گذريل چار سال خيرات جي طلبگار ڪيرات قيراط جو مطالبو ڪندا رهيا، 5 قيراط جي مُنڊي ۽ توشه خانه جون گهڙيون وڪرو ڪندڙن کي ڪهڙي خبر ته ملڪي مفاد ڇا هوندو آهي: وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil