اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نار تعاون تنظيم (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر نائف فلاح ايم الحجراف سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي ت?? ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تنظيم جو پاڪستان سان تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي ت??ديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هيون. پرڏيهي وزير ۽ نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جي سي سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي ت??اون جي صورتحال جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ تاريخي رابطن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ ثقافتي وابستگين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفي ۽ جي سي سي جي ت??اظر ۾ پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل ايڪشن پلان موجب اداره جاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي ت?? ڌرين پاڪستان – نار تعاون ڪائونسل فري ٽريڊ ايگريمنٽ تي جلد کان جلد ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ت?? پاڪستان ۽ نار تعاون ڪائونسل جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي مضبوطي سان ڳنڍيل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي نار تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں