اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سڀني اتحادين سان گڏجي عوام جي ڀلائي لاءِ ايجن??ا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينئر اڳواڻن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير آغا حسن بلوچ، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتزئي، سينيٽر مح??د قاسم رانجو ۽ بي اين پي جو جنرل سيڪريٽري جهانزيب حسين شامل آهن. ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي اين پي جي وفد پاران حڪومتي پاليسين جي مڪمل تائيد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سڀني اتحادي سان گڏجي عوام جي ڀلائي جي ايجن??ا کي پڄاڻي لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت