اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تحت پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي اهي حق فراهم ??يا ويا آهن جيڪي فرسٽ ورلڊ جي صحافين کي دستياب آهن، حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جو فرض آهي ته اهي ورڪنگ جرنلسٽس جي پٺيان بيٺل هجن، اس??ن پنهنجي ميڊيا جي آزادي جي ڀيٽ ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تي صحيحن واري تقريب کي خط??ب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جو ڪريڊٽ انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري کي وڃ?? ٿو. هن چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ان جو آئيڊيا ان جي ذهن ۾ آيو، هن اهو ڪم انساني هقن واري وفاقي وزير جي حوالي ڪيو جنهن ان ايڪٽ جي تياري ۾ اڻٿڪ ڪوشش ڪئي جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون. هن چيو ته حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت جو فرض آهي ته اهي ورڪنگ جرنلسٽس جي پٺيان بيٺل هجن. ان ايڪٽ جي تياري ۾ صحافي تنظيمن سميت صحافين جي سمورن گروپس سان مشاورت ڪئي وئي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ هڪ طبقو اهو تاٿر ڏيڻ جي ڪوشش ڪر?? ٿو ته هتي پريس کي آزادي حاصل نه آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ پريس فري نه آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به پريس فري نه هوندي. هن چيو ته جڏهن پريس جي آزادي جي ڳالهه اچي ٿي ته اس??ن پنهنجي ڀيٽ ٿرڊ ورلڊ ۽ مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا. هن چيو ته اس??ن وٽ ڊيفيميشن لاز نه آهن، فرسٽ ورلڊ ۾ جيڪڏهن توهان جي خلاف خبر ڏي ته اتي ڊيفيميشن لاز اڳيان اچي وڃن ٿا، اهڙي طرح اس??ن جي پريس کي فرسٽ ورلڊ کان به وڌيڪ آزادي حاصل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته انهن آزادين جو ٻيو رخ اهو آهي ته اس??ن انهن آزادين کي سيٺن جي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو آهي، ورڪنگ جرنلسٽس کي جيڪي حق ملڻ گهرجن ها اهي نه ملي رهيا هئا. اس??ن ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ تحت ورڪنگ جرنلسٽس کي حق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪو ڪئميره مين ڪنهن ايونٽ تي ڪوريج جي لاءِ وڃ?? ٿو ته ڪئميرا بچائڻ ان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز هوندو آهي، اس??ن ان ايڪٽ تحت لازمي ڪري ڇڏيو آهي ته ميڊيا مالڪ ڪئميره مينن کي اهڙن ايونٽس تي موڪليندا ته انهن جي ذميواري هوندي ته اهي پنهنجي ڪئميرا مينن کي تحفظ فراهم ڪندا. هن چيو ته ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ ۾ ورڪنگ جرنلسٽس جي ملازمت کي به تحفظ ڏنو ويو آهي. شڪايتن جي لاءِ هڪ آزاد ڪميشن هوند?? جيڪو شڪايتن جو 14 ڏينهن جي اندر فيصلو ڪندو. ان ايڪٽ ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي مالڪن ۽ حڪومتي آفيسرن کان به تحفظ حاصل هوندو، ڪيترائي آفيسر نه ٿا چاهين ته انهن جي کاتن ۾ ڪرپشن جون خبرون اخبارن ۾ اچن. هن چيو ته ان قانون جي ذريعي اس??ن اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته صحافين کي فرسٽ ورلڊ جي صحافين جي طرز تي تحفظ فراهم ڪري سگهجي. ان ايڪٽ تحت صحافي جي هڪ ٺوس تعريف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان جو فائدو ورڪنگ جرنلسٽس کي ٿيند?? جيڪي واقعي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تجويز ڪيل پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بابت جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ پي ايف ي?? جي سان اس??ن جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، ان تي اس??ن تمام ويجهو آهيون، اس??ن جلد متفقه قانون آڻينداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جتي به ذميواري لڳائي، اس??ن جي ڪوشش هوندي آهي ته ان حوالي سان ڪا نمايان تبديلي کڻي اچون. ان ايڪٽ جي لاءِ انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري تمام گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪئي آهي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون.
پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع تحت پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي فرسٽ ورلڊ جي صحافين وارا حق دستياب آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada