اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ا??غا??ستان ۾ امن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي ۽ ان سان دنيا جي لاءِ ڪاروبا??ي موقعن جو رستو کلندو جنهن سان وچ ايشيائي رياستن سان رابطو قائم ٿي سگهندو. گڏيل عرب اماراتن جي جي دوري جي موقعي تي خليج ٽائمز کي انٽرويو ۾ هن چيو ته ا??غا??ستان ۾ تباهي جو مطلب پاڪستان تي وڌيڪ پناهگيرن جو بار پوندو، پاڪستان پاڙيس??ي ملڪ ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي پر خواهش آهي ته ملڪ ۾ سمورين لاڳاپيل سياسي ڌرين جي نمائندگي ڪندڙ هڪ ٺوس حڪومت ٺهي وڃي. صدر ا??غا??ستان ۾ حڪومت جي تبديلي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تاثر کي رد ڪندي چيو ته اسان رڳو انساني بنيادن تي طالبان جي مدد ڪري رهيا آهيون ڇو ته ا??غا??ستان جي عوام پابندين ۽ فنڊز جي بندش جي ڪ??ي مشڪلاتن جو شڪار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ا??غا??ستان ۾ استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، آمريڪا ا??غا??ستان سان جلدي ۾ انخلا ڪيو ۽ اهو ته افعانستان جي مسئلي جو ڪو فوجي حل نه آهي. صدر چيو ته اسان سدائين آمريڪا کي جنگ کان بچڻ جي لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بهتر حل طور تي ڳالهين جي حمايت ڪئي. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته جيڪڏهن آمريڪي ۽ نيٽو فوج 23 کرب ڊالر خرچ ڪرڻ جي باوجود ا??غا??ستان ۾ استحڪام نه آڻي سگهيا ته پوءِ پاڪستان جي لاءِ اهو ڪرڻ ڪيئن ممڪن هوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان 40 لک ا??غا?? پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ا??غا?? عوام کي ان کي هڪ خيرسگالي جو معاملو سمجهڻ گهرجي. ا??غا??ستان جي تازي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اسان ا??غا??ستان مان سفارتڪارن ۽ ٻين ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ پڻ تمام فعال ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو ۽ دنيا اسان جي انهن ڪوششن کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ نه آهي جنهن کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مهانگائي ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته عالمي مارڪيٽ ۾ جنسن ۽ تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن پر ان جي باوجود حڪومت سپلائي چين مڪينزم ۽ بهتر نظم ۽ ضبط ذريعي خوراڪ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. صدر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان صحيح رستي تي آهي ۽ ان جو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ معيشت جي بحالي جهڙن سنگين چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ وقت سر ۽ صحيح قدم کنيا ۽ وبا جي باوجود گذريل مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار جي واڌويجهه جي شر?? چار سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي. ڊاڪٽر عارف علوي دبئي ايڪسپو کي هڪ شاندار ايونٽ قرار ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ هڪ چئلينجنگ ماحول جي باوجود هڪ ڪامياب شو جي ميزباني ڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ بصيرت رکندڙ قيادت ڏانهن وڃي ٿو، ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل عرب امارات پر پوري خطي جي لاءِ هڪ اهم ايونٽ آهي جنهن خطي ۽ ان کان ٻاهر جي ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪيو، ايڪسپو ۾ اسان وٽ هڪ تمام خوبصورت پويلين آهي، هر هڪ کي ايڪسپو ۾ وڃي ان جو دورو ڪرڻ گهرجي جيڪو هڪ پرامن ملڪ جي طور تي پاڪستان ج?? مثبت ساک پيش ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو جيڪو آچر ڏينهن اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. صدر چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان ائٽمي طاقت ٺاهڻ ۾ پاڪستاني قوم جي مدد ڪئي ۽ هڪ شڪرگذار قوم سندس خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريندي.
افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي ۽ ان سان دنيا جي لاءِ ڪاروباري موقعن جو رستو کلندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو خليج ٽائيمز کي انٽرويو
مضمون کا ماخذ : ریل رش