ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان انفرادي ۽ اداراجاتي سطح تي فلاحي ڪ???? جي حوالي سان عالمي برادري ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو، پاڪستاني سرزمين تي لکين افغان پناهگير?? جي موجودگي اسا?? جي مهمان نوازي جو ثبوت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ڪ??يونٽي پارٽنرز انٽرنيشنل (سي پي آئي) ۽ شائن هيومينٽي جي فلاحي سرگرمي?? جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. صدر ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ 100 آڪسيجن ڪنسنٽريٽرز عطيو ڪرڻ تي سي پي آئي ۽ شائن هيومينٽي کي ساراهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان حڪومت جي وقت سر ۽ منصفاني فيصل?? جي ڪري ڪ??ويڊ 19 وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستا?? جي حڪومت وقت سر ڪوويڊ 19 وبائي بيماري جي شدت کي محسوس ڪيو ۽ معاشي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو. هن اي?? جي اوز ۽ هيلٿ ورڪرز تي زور ڏنو ته اهي هيپاٽائيٽس ۽ ٽ?? بي جهڙين بيمارين کان بچاءُ طرف پڻ ڌيان ڏين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پي آئي جي نمائندي انم اشرف علي ۽ شائن هيومينٽي جي چيئرمين علي نقوي جو نيڪ مقصد ۾ حصو وجهڻ تي ٿورو مڃيو.
پاڪستاني سرزمين تي لکين افغان پناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان نوازي جو ثبوت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی