اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ واري وفاقي و??ير سيد فخر امام سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چانور، ڪمند، مڪئي ۽ ڪپهه سميت خريف جي فصلن جي پيداوار ۾ متوقع اضافي جي حوالي سان آگاهه ڪيو و??و ۽ کيس لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي شعبي ۾ وزارت پاران آندل سڌارن تي پ?? بريفنگ ??ني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته لائيو اسٽاڪ جي جديد طريقي سان افزائش نسل، خوراڪ جي فراهمي ۽ صحت جي سهولتن ۾ بهتري آندي پئي وڃي، پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ تحقيقي ادارن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي.
پاڪستان کي غذائي پيداوار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات