اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهين جي شناختي ڪ??رڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪ??ڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪ??رڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد منصوبن جو افتتاح ڪيو. نادرا پاران جاري ڪيل بيان موجب نادرا هيڊڪوارٽر آمد تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو، وزيراعظم کي نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم 66 نئين آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين و??يع ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهندڙ غير ملڪي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئن شناختي ڪ??رڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪ??ڻ جو افتتاح ڪيو، ان ڪارڊ جي ڪ??ي پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي ن??ڪر??ون حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، ??ئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ ??ڪر?? جهڙن سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪارڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان بچي به سگهندا.
وزيراعظم عمران خان پاران نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ