اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جي سياسي حل جي ضرورت آهي، رشين فيڊريشن سان واپار، ريلوي، هوابازي سميت ٻين شع??ن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي دوري تي آيل روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ روس ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اه??يت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جون ۾ بشڪيڪ ۾ شنگهائ?? تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي صدر والادي مير پوٽن سان پنهنجي ملاقات جو ذڪرو ڪ??و، جتي هن ٻه طرفي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي خواهش تي زور ڏنو هو. وزيراعظم هڪ اه?? پرڏيهي پاليسي جي ترجيح جي طور تي روس سان پنهنجي لاڳاپن جي اه??يت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻه طرفي لاڳاپن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جنهن ۾ واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع ۾ گِهرو تعاون شامل آهي. وزيراعظم ”پاڪستان اسٽريم“ (اتر ڏکڻ) گئس پائيپ لائين منصوبي جي لاءِ گهربل قانوني عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ توانائي، صنعتي جدت، ريلوي ۽ هوابازي جي شع??ن ۾ ٻه طرف?? تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هن سال جي آخر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) ان ڏس ۾ مخصوص تجويزن ۽ منصوبن کي پيش ڪندي، ڪووڊ – 19 وبائي مرض جي ذريعي درپيش صحت ۽ معاشي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم روس کي ڪورونا ويڪسين ٺاهڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي منصوبن تي زور ڏنو، وزيراعظم افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي اه??يت تي زر ڏنو، ماسڪو ۾ تازي اجلاس جي ميزباني جي ذريعي پاڪستان افغان امن عمل کي فروغ ڏيڻ ۾ روس جي ڪوششن کي ساراهيو.
رشين فيڊريشن سان واپار، ريلوي، هوابازي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں