اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪراچي جهاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ??يو?? وينديون، ڪراچي جهاز حادثي جي ??فاف جاچ جي لا??ِ ترڪيءَ ۽ ٻين عالمي شهرت يافته ايئرلائينز جي ??يئربس جا سينيئر ترين پائليٽس به جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا، 56800 کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻي چڪا آهيون، ماضي ۾ پائليٽن جعلي لائيسنس پڻ حاصل ڪيا، ان جي ??ه مڪمل جاچ ڪرائي ويندي، پي آءِ اي جي ??وز ويلٽ هوٽل ۽ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي ??والي سان شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هوائي حادثا اسان جي لاءِ شرمندگي جو س??ب آهن، شفاف جاچ ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته 22 مئي تي بدقسمت جهاز سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي جي لاءِ اڏام ڀري ۽ 2 لڳي 39 منٽن تي حادثي جو شڪار ٿيو. ان ۾ 97 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ٻه خوشقسمت ترين ماڻهو الله جي ڪرم سان محفوظ رهيا. اهي ٻئي ماڻهو تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. ڪل 99 مسافر هئا جن ۾ ٻه ڪاڪ پٽ ڪريو ۽ 6 ڪيبن ڪريو هئا. 97 شهادتن مان 95 ميتين کي ڊي اين اي ذريعي سڃاتو ويو. انهن جي پونئيرن ک?? سرڪاري خرچ تي رهايو ويو.
ڪراچي جهاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون: غلام سرور خان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو