اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس سيف چين جي شهر شنگهائي ۾ منعقد ??نجين پاڪ چين سامونڊي گڏيل مشقن ۾ شرڪت ڪئي. شنگهائي جي بندرگاهه ووسانگ پهچڻ تي چيني بحريه جي جهاز جنگ زو پي اين ايس سيف جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي هڪ پروقار آجياڻي واري تقريب پڻ منعقد ڪئي ??ئي جنهن ۾ شنگهائي ??يول بيس جا اعليٰ عملدار ۽ پاڪستان جو دفاعي نيول اتاشي پڻ موجود هو. پاڪ بحريه پاران جاري بيان موجب بندرگاهه تي رهڻ دوران پي اين ايس سيف جي ڪمانڊنگ آفيسر اعليٰ عسڪري ۽ سول شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ شنگهائي جو ميئر يوفيي فين ۽ شنگهائي ??يول بيس جو ڪانڊر ريئر ايڊمرل جيان وانگ شامل هو.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا