اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پاناما پيپرز ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پاناما پيپرز ۾ لڳايل الزامن جي تفصيلي جاچ لاءِ گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ ۽ ان کي 60 ڏينهن جي اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پاناما پيپرز ڪيس جي شنوائي ڪندڙ 5 رڪني لارجر بينچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد ک??سه خميس ڏينهن م??فوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جسٽس آصف سعيد ک??سه جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز افضل خان، جسٽس ??لزار احمد، جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينڪ ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 23 فيبروري تي پاناما دستاويزن واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جسٽس آصف سعيد ک??سه عدالت ۾ اڪثريتي فيصلو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ هن پاڻ ۽ جسٽس ??لزار احمد اعليٰ عدالت جي ٻين ٽن ججن سان اختلاف رکيو.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل