غزه -10 جنوري(اي پي پي) غزه ۾ سال 2025 ع جي پهرين ستن ڏينهن دوران لڳاتار تشدد سب 74 ٻار فوت ٿيا آ??ن. ??رڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ٻارن واري اداري يونيسيف جي ايگزيڪيو ٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو آهي ته غزه جي ٻارن لاءِ نئون سال وڌيڪ فوتگيون ۽ تڪليفون کڻي آيو آهي. انهن اسرائيل حملن، محرومين ۽ سيءُ جا اثر شامل آ??ن. ??ن وڌيڪ چيو ته يونيسيف ڊگ??ي عرصي کان خبردار ڪري رهيو آهي ته نه هجڻ جي برابر پناهه گاهون، غذائيت ۽ صحت جي سهولت جي گهٽتائي، صفائي جي خراب صورتحال ۽ ٿڌ غزه جي سمورن ٻارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي?? خاص ڪري نوان ڄاول ٻار ۽ ا??ي ٻار جن کي طبي مسئلا درپيش آهن اهي وڌيڪ خطري جو شڪار آ??ن. ??ونيسيف غزه جي ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ا??هن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جلد قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea