نيويارڪ -29 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم ٿي ويا. ان ??لسلي ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان ج?? مستقل نمائندي منير راڪم ۽ اوڀر ڪيريبين ۾ واقع ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ جي ملڪ سينٽ لوشيا سان ??ندس هم منصب مينيسا ريمبالي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ لاءِ سندن حڪومتن ط??فا?? هڪ گڏيل پڌرنامي تي صحيح??ون ڪ??ون ويون. ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن دولت مشترڪه سميت گهڻ رخي فورمز تي سهڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باضابطا لاڳاپن ج?? قيام سان ٻه طرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سياسي سهڪار جي شعبن ۽ سياحت کي هٿي ملندي. ان موقعي تي سينٽ لوشيا جي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ج?? هڪ ن??ين پر اهم باب جي شروعا تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪٽر ڊيرن سيمي جنهن ج?? تعلق سينٽ لوشيا سان ??هي، هڪ اعزازي پاڪستاني شهري به آهي جيڪو سدائين پاڪستان ۽ اتان ج?? عوام جي مهمان نوازي بابت ڳاله??ون ڪندو آهي. سفير تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستاني نمائندي جو شڪريو به ادا ڪيو.
پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس